اسلام آباد – 08 – اپريل (اي پي پي) ايوان صدر جي جامع مسجد مان معمول موجب جمعي جو خطبو سڌو سنئون نشر ڪيو ويو، ”رمضان الم??ار?? گذارڻ جو بهترين طريقو“ ج?? موضوع تي جمعي جو خطبو ڏنو ويو. ايوان صدر جي عملدارن ۽ عملي جمعي جي نماز ادا ڪئي. خ??يب ڊاڪٽر محمد ظهير جمعي جي خطبي ۾ رمضان الم??ار?? جي برڪت ۽ فضيلت بيان ڪندي چيو ته رمضان جو مهينو انسان جي تربيت جو مهينو آهي، روزو انسان جي اندر صبر ۽ تحمل پيدا ڪندو آهي روزي ۾ حلال شين کان به هڪ وقت تائين منع ڪئي وئي آهي، حلال طريقي سان رزق حاصل ڪرڻ به عبادت آهي، خ??يب ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اسان کي هن م??ار?? مهيني ۾ ڪثرت سان توبع ۽ استغفار ڪرڻو آهي، رمضان جي مهيني ۾ اسان کي خراب صحبت کان بچڻو آهي، هن م??ار?? مهيني ۾ مسلمان پنهنج?? رب کي به راضي ڪري سگهن ٿا، وا??ح رهي ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي هدايت تي ماڻهن جي رهنمائي لاءِ ايوان صدر جي جامع مسجد کان سڌو سنئون خطبو نشر ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي. جمعي جي نماز ج?? موقعي تي ملڪ ۽ قوم جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعا ڪئي وئي.