اسلام آباد – 24 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ه??ايت تي نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) دادو ضلعي جي ڳوٺ فيض محمد درياني چانڊيو ۾ باهه جي متاثرين ۾ امدادي چيڪس ورهايا آهن. اين ڊي ايم اي پاران جاري پڌرائي موجب 18 اپريل 2022ع سومر جي رات دادو ضلعي جي ڳوٺ ۾ تيز هوائن جي ڪري پيش آيل افسوسناڪ باهه جي واقعي ۾ 8 ماڻهو فوت، 3 زخمي جڏهن ته 75 خاندان متاثر ٿيا هئا. باهه جي متاثرين جي امداد لاءِ وزيراعظم پاران فوت ٿي??دڙ?? جي پونيئرن سان گڏوگڏ زخمين ۽ ٻين متا??ر خاند??نن جي لاءِ هڪ ڪروڙ رپين جي پئڪيج جو اعلان ڪيو ويو هو. واضح رهي ته ڄاڻايل چيڪس اين ڊي ايم اي پي ڊي ايم اي سنڌ ۽ ضلعي انتظاميا دادو جي معاونت سان متا??ر خاند??نن ۾ ورهايا آهن.