ڪوئيٽا – 23 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اسان کي ماضي جي غلطين مان سبق سکڻو آهي، ??لوچستان جي وسيلن تي پهريون حق بلوچستان جي عوام جو آهي، ??وبي ۾ پاڻي جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ??يو ويندو، سمورن صوبن ۾ ترقي جي رفتار هڪ جهڙي هجڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بلوچستان سان تعلق رکندڙ پارليامينٽ ميم??رن سان ڳ??لهائيندي ڪيو. ان موقعي تي وفاقي وزير احسن اقبال، مولانا اسعد محمود، مولانا واسع، نوابزاده شاهه زين بگٽي، ??سرار ترين، بلوچستان جو وقتي گورنر جان محمد جمالي، ??لوچستان جو وڏو وزير مير عبدالقدوس بزنجو، صوبائي وزير ۽ صوبائي اسيمبلي ميم??رن جو وڏو انگ موجود هو. وزيراعظم چيو ته پنهنجي واعدي موجب حڪومت ٺهڻ جي ٻن هفتن دوران ئي توهان جي خدمت حاضر ٿيو آهيان، الله تعاليٰ بلوچستان کي بي حساب قدرتي وسيلن سان نوازيو آهي. هن چيو ته اسان کي ماضي جي غلطين مان سکڻو آهي، ??لوچستان جي وسيلن تي پهريون حق بلوچستان جي عوام جو آهي، ??ڏهن پنجاب ۾ اسان جي حڪومت هئي ته اسان اين ايف سي ۾ بلوچستان جي لاءِ 11 ارب پنجاب جي حصي مان ڏنا. هن چيو ته هڪ ملڪ هڪ ڪٽنب وانگر هوندو آهي، ??مورن صوبن ۾ ترقي جي رفتار هڪ جهڙي هجڻ گهرجي، ??اريخ گواهه آهي، ??لوچستان جي ماڻهن جون ملڪ جي لاءِ عظيم قربانيون آهن. هن چيو ته بلوچستان جي پاڻي جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ??يو ويندو، الله تعاليٰ اسان کي هي ملڪ محنت ڪرڻ جي لاءِ ڏنو آهي. وزيراعظم چيو ته بلوچستان جي ترقي جي لاءِ مون کي توهان سڀني جو تعاون به گهربل آهي، ??سان سڀني کي گڏجي بلوچستان جي ترقي يقيني بڻائڻي آهي.