اسلام آباد – 14 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ٻارڙين جي تعليم ۽ تربيت خصوصي اهميت رکندڙ آهي، ڪو ب?? معاشرو عورتن جي شموليت کانسواءِ ترقي نه ٿو ڪري سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان جي ڊائمنڊ جوبلي آزادي جي ڏهاڙي جي ??وقعي تي يتيم ٻارڙين جي اداري ڪاشانه ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چ??و ته حضور ﷺ عيد جي ??وقعي تي يتيم ٻارن جي ??ٿان هٿ رکيو، پ??ڻ ﷺ ٻارن تي خاص شفقت فرمائيندا ۽ پنهنجي طرز عمل سان سبق ڏنو ته بي سهارا ٻارن تي الله ۽ ان جي رسول ﷺ جي ڇانوَ آهي. صدر چ??و ته ٻارن جي سٺي تعليم ۽ تربيت پاڪستان جي ??اءِ انتهائي اهم آهي، آئون آزادي جي ڏهاڙي جون خوشيون يتيم ٻارن سان ملهائڻ جو خواهشمند هئس. هن چ??و ته آزادي جي خوشي جي ??وقعي تي يتيم ۽ بي سهارا ٻارن سان گڏ آهيون. ٻار اسان جو مستقبل آهن، پنهنجي تعليم تي ڀرپور ڌيان ڏين، ٻارڙين جي تعليم ۽ تربيت خصوصي اهميت رکندڙ آهي، ٻارڙيون ڀرپور محنت ڪن ۽ پنهنجو ۽ پنهنجي ??لڪ جو نالو روشن ڪن. ڊاڪٽر عارف علوي چ??و ته ڇوڪرين جي تعليم جو اهتمام پاڪستان جي ??اءِ تمام ضروري آهي، قائداعظم محمد علي جناح عورتن جي برابري جي تلقين ڪئي.