اسلام آباد -14 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستا?? ۾ ??رطانيه جي هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر ڪرسٽين ٽرنر پاڪستان جي 75هين ڊائمنڊ جوبلي يوم آزادي جي موقعي تي سڀني پاڪستانين نالي پنهنجي خط ۾ چيو آهي، ته دنيا جي ٻين ملڪن جي سفارتڪارن وانگر منهنجي به پاڪستان ۾ مقرري ٿي، مان ??ٺو ته پاڪستان هڪ عظيم ملڪ آهي، 14 آگسٽ تي پاڪستان جي قيام جا 75 سال مڪمل ٿي?? آهن. ۽ پاڪ برطانيه سفارتي لاڳاپن کي به ايترو ئي عرصو ٿيو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي قومي ڏينهن جي موقعي تي پاڪستا?? ۾ ??دمتن جي فراهمي هڪ اعزاز آهي. هن چيو ته ان موقعي تي پنهنجي خط ۾ اهو تسليم ڪيان ٿو ته پاڪستان ۾ مون سميت پرڏيهين سان بهترين سلوڪ ڪيو پيو وڃي ۽ اسان کي اجنبي هئڻ جو احساس نه پيو ٿئي. پنهنجي خط ۾ هن پاڪ برطانيه ڊگهي سفارتي، اقتصادي ۽ عوامي لاڳاپن جا تفصيل به پيش ڪيا. پنهنجي خط جي آخر ۾ ڊاڪٽر ڪرسٽين ٽرنر لکيو ته پاڪستان ۽ برطانيه گڏ آهن. ”اسان گڏ 75هين سالگره تي تمام گهڻي مبار??با?? ڏيون ٿا.“