اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سڄي پاڪستان ۾ جاري چوماسي جي برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصانن جي ڏس ۾ جرمني، سوئيڊن، ڊينمارڪ ۽ ناروي جو سرڪاري دورو ملتوي ڪري ڇڏيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير يورپ سان پاڪستان جي مسلسل رابطن جي حص?? طور انهن ملڪن جي پنهنجي هم منصبن ۽ ٻين سرڪاري عهديد??رن ۽ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه جا منتظر آهن. ترجمان چيو ته پرڏيهي وزير بابت ملڪن جي گادي و??رن شهرن جي دورن کي ميزبان حڪومتن سان مشاورت کانپوءِ گڏيل اتفاق سان طئي ٿيل تاريخن تي ٻيهر جوڙيو ويندو.