ڪوئيٽه-16 سيپٽمبر (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو آهي ته بلوچستان ۾ هاڻوڪي ٻوڏ ۽ برساتن سبب ريلوي ٽريڪس کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي، معطل ٿيل ريلوي روٽس جي بحاليءَ لاءِ سمورا دستياب وسيلا ڪتب آڻ?? رهيا آهيون. ڪوئيٽه- تفتان ريل ٽريڪ 30 سيپٽمبر تائين بحال ڪيو ويندو. ڪوئيٽه ۾ پر??س ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته برسات ۽ ٻوڏ سبب ريلوي نيٽ ورڪ خراب طرح م??اث?? ٿيو آهي، ڊيرا الهيار کان جيڪب آباد تائين 11 ڪلوميٽر ريلوي ٽريڪ پاڻيءَ ۾ ٻُڏل آهي، ٻوڏ سبب ڪوئيٽه- تفتان ريلوي ٽريڪ 104 هنڌن تان م??اث?? ٿيو آهي، جنهن کي 30 سيپٽمبر تائين بحال ڪيو ويندو. م??اث?? علائقن ۾ ٻوڏ ۽ برسات جو پاڻي جيئن ئي گهٽبو مرمت جو ڪم شروع ڪيو ويندو. ايف سي، اين ايل سي ۽ آرمي جي س??ڪا?? سان م??اث?? ريلوي پٽڙيءَ جي بحاليءَ ۾ مصروف آهيون. هن چيو ته ڪوئيٽه ريلوي اسٽيشن جي اپ گريڊيشن ترجيح آهي. گوادر ۾ به ريلوي آفيس قائم ڪئي پئي وڃي. هڪ سوال تي وفاقي وزير چيو ته 5 ڏينهن کان ٻوڏ م??اث?? علائقن ۾ ريلوي نظام کي پهتل نقصان جو جائزو وٺي رهيو آهيان. تاريخ ۾ پاڪستان ريلوي کي ڪڏهن به ايترو نقصان ناهي ٿيو، پر پرعزم آهيون ته ڏينهن رات هڪ ڪري ريلوي سروس کي بحال ڪري عوامي ڏُکيائين جو ازالو ڪيو ويندو. پر??س ڪانفرنس ۾ ريلوي وارو وفاقي سيڪريٽري ۽ ٻيون اعليٰ اختياريون به موجود هيون.