واشنگٽن – 24 آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خان لکين ٻ??ڏ متاثرن لاءِ پيئڻ جي ??اف پاڻي جي فوري فراهمي جي ضرورت تي زور ڀريو آهي، هن چيو ته پيئڻ جي ??اف پاڻي جي گهٽتائي ۽ متاثر علائقن ۾ ٻوڏ وارو پاڻي بيهڻ سبب پيدا ٿيندڙ بيماريون سان ٻ??ڏ متاثرن جي تڪليفن ۾ وڌيڪ اضافو ٿي رهيو آهي. هن نيسولر واٽر پلانٽس ذريعي پيڻ جي ??اف پاڻي جي فراهمي لاءِ ڪم ڪندڙ آمريڪي فلاحي تنظيم هيومن نيسيسٽي فائونديشن (ايڇ اين ايف) طرفان فنڊ ريزنگ تقريب دوران چيو ته ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير لاءِ پاڪستان کي عالمي برادري جي فوري ۽ لاڳيتو ??دد جي ضرورت آهي. هن تنظيم جي ڊائريڪٽر فوزيه قصوري ۽ ان جي ساٿين جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته هو ٻوڏ متاثرن جي انتهائي بنيادي ضرورتن کي پورو ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ماحولياتي تبديلي جو سبب بڻجندڙ ٻوڏ جي ڪري 3 ڪروڙ 30 لک متاثر ٿيا آهن جيڪي آمريڪي رياست ڪيليفورنيا جي آبادي کان به وڌيڪ آهن ۽ پاڪستان جي 95 هزار اسڪوائر ميل ايراضي ٻوڏ جي پاڻي ۾ ٻڏي وئي جيڪا آمريڪي رياست ڪولورادو جي علائقي کان به وڌيڪ آهي جنهن جي 66 لک ماڻهن کي فوري ڌيان جي ??دد جي ضرورت آهي. هن پاڪستان ۾ ريسڪيو ۽ رليف آپريشن دوران و??ي پئماني تي سهڪار ڪرڻ تي گڏيل قومن، عالمي برادري ۽ آمريڪي حڪومت ۽ عوام جو ٿورو مڃيو ۽ متاثرن کي امداد فراهم ڪرڻ تي پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي به ساراهيو. پاڪستاني سفير چيو ته هن وقت حقيقي چئلينج ٻوڏ متاثرن جو روزگار?? بحالي ۽ تعمير آهي. جنهن لاءِ اسان کي پنهنجي دوست ملڪن، سرنديءَ وارن ۽ خاص طور تي پاڪستاني آمريڪي ڪميونٽي جي لاڳيتي ??دد جي ضرورت آهي، جن هميشه مشڪل وقت ۾ اسان جي ??دد ڪئي آهي.