اسلام آباد– 26 – نو??بر (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف دهشتگردي جي خاتمي جي حڪمت عملي ۽ دهشتگردي جي لعنت جي خلاف ترڪيءَ جي قربانين کي ساراهيو آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته وزيرا??ظم محمد شهباز شريف پنهنجي ترڪيه جي دوري دوران پاڪ ترڪ بزنس ڪائونسل کي خطاب ڪيو. ان موقعي تي وزيرا??ظم ترڪيءَ جي دهشتگردي جي خاتمي واري حڪمت عملي ۽ دهشتگردي جي لعنت جي خلاف ان جي قربانين کي ساراهيو ۽ دهشتگردي جي خلاف پاڪستان جي جنگ تي پڻ روشني وڌي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وزير پاڪ ترڪ بزنس ڪائونسل کي وزيرا??ظم محمد شهباز شريف جي خطاب جو وڊيو ڪلپ پڻ شيئر ڪيو.