اسلام آباد – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) اسلامي ت??اون تنظيم (او آءِ سي) جو سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحيٰ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي دعوت تي 10 کان 12 ڊسمبر تائين پاڪستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفي?? جي ترجمان پاران جاري بيان موجب او آءِ سي جو سيڪريٽري جنرل دوري دوران 5 رڪني وفد جي قيادت ڪندو، نومبر 2021ع ۾ عهدو سنڀالڻ کانپوءِ هي سندس پاڪستان جو پهريون باقاعده دورو هوندو. پنهنجي دوري دوران اسلامي ت??اون تنظيم جو سيڪريٽري جنرل وزيراعظم سان ملاقات ڪندو ۽ پرڏيهي وزير سان وفدن جي سطح تي ملاقاتون ڪندو، هو ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير ۽ واپار واري وفاقي وزير سان پڻ ملاقات ڪندو. او آءِ سي جو سيڪريٽري جنرل آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو پڻ دورو ڪندو. ٻطرفي ڳالهه ٻولهه دوران او آءِ سي جو سيڪريٽري جنرل ۽ پرڏيهي وزير او آءِ سي جي ايجنڊا تي موجود ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار، اسلامو فوبيا ۽ افغانستان ۾ انساني صورتحال سميت ٻين معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. بيان موجب ان جي ان دوري سان او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي، سماجي ۽ ٽيڪنيڪي ت??اون جي اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ جو موقعو پڻ ملندو. پاڪستان او آءِ سي جي باني ميمبر جي حيثيت سان تنظيم ۾ اسلامي يڪجهتي، اتحاد ۽ مڪالمي جي فروغ ل??ءِ ڪوششون جاري رکندو. اسلامي ت??اونت نظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي سربراهه جي حيثيت سان پاڪستان او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ واپار، ڪامرس، فوڊ سيڪيورٽي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ تعاون کانسو??ءِ تڪرارن کي حل ڪرڻ جي ل??ءِ او آءِ سي جي امن ۽ سلامتي جي ڍانچي کي مڪمل طور تي فعال ڪرڻ جي ل??ءِ ڪم ڪيو آهي، افغانستان کي سنگين انساني امداد فراهم ڪرڻ جي ل??ءِ او آءِ سي ٽرسٽ فنڊ قائم ڪيو آهي جڏهن ته اسلامو فوبيا جي ڪڌي مظاهري کي منهن ڏيڻ ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ل??ءِ قائداڻو ڪردار فراهم ڪيو آهي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته او آءِ سي جي سيڪريٽري جو دورو ان ڳالهه تي خيالن جي ڏي وٺ جو موقعو فراهم ڪندو ته او آءِ سي هڪ ارب 90 لک مسلمانن جي امنگن کي پورو ڪرڻ جي ل??ءِ ڪهڙي طرح پاڻ کي وڌيڪ متحرڪ ڪر?? سگهي ٿي جن جي هو نمائندي ڪر?? ٿي.