اسلام آباد– 16 – جنوري (اي ??ي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب سپريم ڪورٽ بار جي اڳوڻي صدر عبدالطيف آفريدي جي قتل جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته عبدالطيف آفريدي مظلومن جو مضبوط آواز هو، هو حق ڳالهائيندڙ ۽ سچو انسان هو، ان جي بي رح??اڻي قتل جي جيتري مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي. پنهنجي مذمتي بيان ۾ هن چ??و ته خيبرپختونخواهه ۾ بار روم جي اندر ا??ڙي قسم جي بي رح??اڻي ڪارروائي امن امان جي سنگين صورتحال جو مظهر آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عبدالطيف آفريدي جي آئين، قانون ۽ جمهوريت جي لاءِ جدوجهد کي سلام پيش ڪريون ٿا. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.