انقره – 17 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ جمعي ڏينهن ترڪيه ۾ زلزلي کان متاثر علائقن جو دورو ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جا??ي بيان موجب وزيراعظم اڄ ترڪيه جي شهر آديامان ۾ پاڪستان پاران موڪليل امدادي سامان کي ترڪ عملدارن جي حوالي ڪندو. وزيراعظم آديامان ۾ پاڪستان جي ريسڪيو ?? ريليف ٽيمن سان ملاقات ڪندو ۽ جا??ي ريسڪيو آپريشن جو جا??زو وٺندو. بعد ۾ وزيراعظم آڊيامان يونيورسٽي ۾ زلزلي سٽيلن سان ملاقات ڪندو ۽ انهن جي مدد لاءِ قائم سينٽ?? جو دورو ڪندو. وزيراعظم شهباز شريف ترڪ وزير ۽ عملدارن سان ملاقات ڪندو جتي انهن کي جا??ي امدادي سرگ??مي?? تي تفصيلي بريفنگ ڏني ويندي.