ڪراچي – 17 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آرٽس، سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي بابت و??اق?? اردو يونيورسٽي جي سينيٽ جي خالي جا??ن جي لاءِ ميمبرن جي نامزدگي ۾ غيرمعمولي دير تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي اهم جاي?? ۽ ??ورمز تي نامزدگي ۽ مقرري جو عمل لاڳاپيل فورم جو مدو ختم ٿيڻ يا ميمبر جي رٽائرمينٽ کان اڳ شروع ڪرڻ تي زور ڏنو آهي ته جيئن اهم نوعيت جي سمورن معاملن ۾ خلل ۽ دير نه ٿي سگهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار گورنر هائوس ڪراچي ۾ منعقد آرٽس، سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي بابت و??اق?? اردو يونيورسٽي جي سينيٽ جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر مختار احمد، و??اق??و اردو يونيورسٽي جي وقتي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ايم ضياءَ الدين، يونيورسٽي جي سينيٽ ميمبر?? ۽ ????اق?? تعليم ۽ پيسيواراڻي تربيت واري وزارت جي نمائندن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي صدر چيو ته و??اق?? اردو يونيورسٽي ڪراچي جو هڪ باوقار اعليٰ تعليمي ادارو آهي ۽ ان کي درپيش مختلف مسئلن کي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اداري جي انتظامي ۽ تعليمي ونگز جي بنا رڪاوٽ ڪارڪردگي کي يقيني بڻائي سگهجي. هن چيو ته و??اق?? تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري و??اق?? وزارت کي وڌيڪ دير کانسواءِ ن??مزدگ??ن جي عمل کي تيزي سان اڳتي وڌائڻ گهرجي. صدر ايڇ اي سي ڪميٽي جي رپورٽ جو پڻ نوٽيس ورتو جنهن ۾ تعليمي ۽ انتظامي عهديدارن جي چونڊ ۽ مقرري ۽ ٻين معاملن ۾ بي ضابطگ??ن جي نشاندهي ڪئي وئي ۽ يونيورسٽي انتظاميا کي چيو ته اها تفصيلي رپورٽ پيش ڪري ۽ بي ضابطگين ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف ذميواري جو تعين ڪري. ايڇ اي اي چيئرمين اجلاس کي انڪوائري ڪميٽي جي رپورٽ ۽ يونيورسٽي ۾ ٿيندڙ بي ضابطگين کان آگاهه ڪيو. ان موقعي تي و??اق?? اردو يونيورسٽي جي سينيٽ ميمبرن اتفاق ڪيو ته سينيٽ ۽ اڪيڊمڪ ڪائونسل سميت سمورن اهم فورمن کي وقت سر ۽ فوري فيصلا ڪرڻ جي لاءِ مڪمل طور تي فعال بڻايو وڃي.