اسلام آباد – 28 – مارچ (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف انضمام ٿيل فاٽا ضلعن جي لاءِ فوري طور تي ترقياتي فنڊز جاري ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته لاڳاپيل اسڪيمن جي لاءِ فنڊز جي ??نظ??ري اي سي سي ۽ ٻين فورمن کان جلد ڪرائي وڃي، حڪومت انضمام ٿيل فاٽا ضلعن جي ترجيحي بنيادن تي ترقي جي لاءِ پرعزم آهي. وزير??عظ?? آف??س جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن انضمام ٿيل فاٽا ضلعن جي قومي اس??مب??ي ميمبرن جي 5 رڪني وفد سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير مفتي عبدالشڪور، سمنڊ پار پاڪستانين وارو وفاقي وزير ساجد حسين طوري، قومي اس??مب??ي ميمبر مولانا جمال الدين، علي وزير، محسن داوڙ کانسواءِ وفاقي وزير اسحاق ڊار ۽ سردار اياز صادق پڻ موجود هئا. وزير??عظ?? چيو ته حڪومت سڄي ملڪ جي معاشي طور تي ڪمزور علائقن جي ترقي جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. وفد وزير??عظ?? کي لاڳاپيل تڪن جي مسئلن ۽ جاري ترقياتي منصوبن بابت آگاهه ڪيو.