اسلام آباد – 13– اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ گڏيل عرب امارات (يو اي اي) جي سفير حماد عبيد ??براهيم سالم الزابي ملاقات ڪئي ۽ وزيراعظم کي گڏيل عرب امارات جي قيادت پاران ڪوپ 28 ۾ ??رڪ?? جو دعوتنامو پهچايو، جيڪا 30 نومبر کان 12 ڊسمبر 2023ع تائين دبئي ۾ ٿيندي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم دعوت تي گڏيل عرب امارات جي قيادت جا ٿورا مڃيا. هن گذ??يل سال پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ امدادي سرگرمين ۾ اماراتي قيادت جي تعاون تي پڻ ٿورا مڃيا. وزيراعظم موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ ۾ گڏيل عرب امارات جي ڪردار کي ساراهيو ۽ ان اميد ??و اظهار ڪيو ته يو اي اي جي ڪوپ 28 جي قيادت سان پاڪستان جهڙن ملڪن جيڪي موسمياتي تبديلين سان سڀ کان وڌيڪ خطري جو شڪار آهن، جي لاءِ بامعنيٰ نتيجا نڪرندا. هن سال جنوري ۾ گڏيل عرب امارات جي صدر جي پاڪستان جي ڪامياب دوري جو ذڪ?? ڪندي وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ??ائ??اڻن لاڳاپن کي گڏيل طور تي فائديمند اقتصادي لاڳاپن ۾ تبديل ڪرڻ ٻنهي ملڪن جي قيادت جو گڏيل عزم آهي. وزيراعظم چيو ته گڏيل عرب امارات 17 لک پاڪستانين جو گهر آهي جيڪي ٻنهي ??ائ?? ملڪن جي ترقي، خوشحالي ۽ معاشي ترقي ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.