اسلام آباد– 09 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عوام عمران خان جا ڪوڙ، سازش ۽ تماشا ڄاڻي چڪي آهي، فوج ان جي ناهي هوندي ج??ڪو ان جي خلاف غليظ مهم هلائي، عوام ان جي ناهي هوندي جيڪي ملڪ جي خلاف سازش ڪري. پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان جي بيان تي ردعمل جو اظهار ڪندي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عوام يقينن عمران خان جو ڪوڙ، سازش ۽ تماشا ڄاڻي چڪي آهي، ان جي لاءِ هو ٻاه?? نه نڪرندو، عمران خان گرفتار ٿيو ته فارن فنڊنگ، توشه خانه چوري ۽ پنهنجي ڌيءَ کي ظاه?? نه ڪرڻ جي ڏوهه ۾ ٿيندو. هن چيو ته عمران خان جي خلاف جيترا ڪيسز آهن انهن سڀني ۾ هُو جوابدار آهي، عمران خان ذهني مريض آهي، ان جو ذهن شيطان جو گهر آهي، ج??ڪو هر وقت سازش جي لاءِ تيار ره?? ٿو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته فوج ان جي ناهي هوندي ج??ڪو فوج جي شهيدن جي خلاف غليظ مهم هلائ?? ٿو، عوام ان جي ناهي هوندي ج??ڪو ملڪ جي خلاف سازش ڪر?? ٿو ۽ عوام کي بکيو ۽ بيروزگار ڪر?? ٿو. هن چيو ته جڏهن عمران خان تي حملو ٿيو ته پنجاب ۾ ان جي پنهنجي حڪومت ۽ ان جو پنهنجو وڏو وزير هو، جنهن ايف آءِ آ?? نه ڪٽي. عمران خان قاتلاڻي حملي جا الزام نه هڻي، ثبوت عدالت ۾ پيش ڪري.