اسلام آباد– 09 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خيبرپختونخواهه جي اڳوڻي قبائلي علائقن جي ضم ٿيل ضلعن جي ترقي تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي ??يو آهي ته دهشتگردي جي ڪري اڳوڻي فاٽا جي علائقن جي صحت ۽ تعليم جا شعبا بري طرح متاثر ٿيا آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار اڳوڻي فاتا جي ضم ٿيل ضلعن جي قبائلي اڳواڻڻ سان ايوان صدر ۾ ملاقات دوران ڪيو. قبائلي اڳواڻن جو تعلق مهمند، باجوڙ، خيبر، اورڪزئي، ڪرم، ڏکڻ وزيرستان، اتر وزيرستان ۽ ايف آر پشاور/ ڪوهاٽ سان هو. هن ??يو ته بدقسمتي سان ماضي ۾ خيبرپختونخواهه جي اڳوڻي قبائلي ضلعن کي نظرانداز ڪيو ويو، اڳوڻو فاٽا پٺتي پيل آهي، ان جي ترقي تي خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر ??يو ته دهشتگردي جي ڪري اڳوڻي فاٽا جي علائقن جي صحت ۽ تعليم جا شعبا بري طرح متاثر ٿيا، خيبرپختونخواهه جي ضم ٿيل ضلعن جي صحت ۽ تعليم جي شعبن کي ترجيحي بنيادن تي ترقي ڏيڻ جي ضرورت آهي، علائقي جي م??ڻهن جي زندگي جو معيار بهتر بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻڻ گهرجن. ڊاڪٽر عارف علوي ??يو ته قبائلي علائقن جي م??ڻهن ۾ محرومي جو احساس ختم ڪرڻ جي لاءِ خدمتن جي ف??اه??ي بهتر بڻائڻ ۽ ضم ٿيل ضلعن جي م??ڻهن کي سماجي ۽ اقتصادي طور تي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ انهن کي روزگار جا برابر موقعا ف??اه?? ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر ملڪ جي لاءِ اڳوڻي فاٽا جي عوام جي قربانين کي پڻ سا??اه??و. قبائلي اڳواڻن صدر کي علائقي جي رهواسين کي درپيش مختلف مسئلن کان آگاهه ڪندي ??يو ته ضم ٿيل ضلعن جا ماڻهو رستن، تعليم، صحت ۽ توانائي جي بنيادي ڍانچي جهڙين بنيادي سهولتن جي کوٽ جي ڪري م??ڪلاتن جو شڪار آهن. قبائلي اڳواڻن ??يو ته دهشتگردي جاني ۽ معاشي نقصانن، اندروني چرپر ۽ ماڻهن کي روزگار جي ذريعن کان محروم ڪري انهن جي م??ڪلاتن ۾ اضافو ڪيو. هن ??يو ته علائقي ۾ ترقي جي صلاحيت موجود آهي جنهن مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي. قبائلي وفد علائقي ۾ سمورن ترقياتي ڪمن کي جلد مڪمل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي ??يو ته وفاقي حڪومت پاران اڳوڻي فآٽا جي لاءِ فنڊز کي صحيح طريقي سان استعمال ڪيو وڃي.