اسلام آباد – 08 – جون (??ي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ??رج??ان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته ترڪمانستان جي وفد جي پاڪستان جي دوري دوران ڳالهه ٻولهه ۾ تو??نائي جي شعبي ۾ ٻطرفي تعاون تي ڌيان ڏنو ويندو. اها ڳالهه ??رج??ان پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن چيو ته ترڪمانستان جو هڪ اعليٰ سطحي وفد مملڪتي وزير ۽ ترڪمن گئس جي چيئرمين جي قيادت ۾ ٽن ڏينهن جي دوري تي گذريل ڏينهن پاڪستان پهتو آهي. هن چيو ته ڳالهه ٻولهه ۾ تو??نائي جي شعبي ۾ ٻطرفي تعاون بشمول ترڪمانستان – افغانستان – پاڪستان – ڀارت (تاپي) گئس پائيپ لائين ۽ ترڪمانستان – افغانستان – پاڪستان پاور ٽرانسميشن لائين پراجيڪٽ تي ڌيان ڏنو ويندو. هن اميد ظاهر ڪئي ته ٻئي ڌريون (تاپي) پائيپ لائين پراجيڪٽ جي تيز رفتار عملدرآمد جي لاءِ ”گڏيل عملدرآمد پلان“ کي حتمي شڪل ڏيند??ون. هن چيو ته منصوبي جي پڄاڻي پاڪستان جي عزم سان گڏوگڏ سستي، قابل اعتماد ۽ پائيدار تو??نائي جي لاءِ ان جي عزم جو عڪاس هوندو.