اسلام آباد – 27 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف حاجي سڳورن، سمورن پاڪستانين ۽ مسلمان امت کي حج ??ي مبارڪباد ڏيندي دعا ڪئي آهي ته پاڪستان جون سموريون معاشي مشڪلاتون ختم ٿين ۽ پاڪستان ترقي، امن ۽ خوشحالي جو گهوارو بڻجي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته مڪه مڪرمه ۾ حج ??ي فرض جي ادائيگي ڪندڙ لکين حاجي سڳورن، سمورن پاڪستانين ۽ مسلمان امت کي منهنجي پاران حج 1444??ه تمام گهنو مبارڪ هجي، حج ??ي موقعي تي منهنجي الله جي آڏو اها دعا آهي ته پاڪستان جون سموريون معاشي مشڪلاتون ختم ٿين ۽ پاڪستان ترقي، امن ۽ خوشحالي جو گهوارو بڻجي. هن چيو ته منهنجي حج ??ي هن مقدس موقعي تي اها به دعا آهي ته الله تعاليٰ مسلمان امت خاص طور تي اسان جي ڪشميري ۽ فلسطيني ڀينرن ڀائرن جون سموريون مشڪلاتون ختم ڪري.