اسلام آباد – 12 – جولاءِ (اي پ?? پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف نائنٿ ايونيو ۽ خيابان اقبال جي سنگم شاهين چوڪ تي فلائي اوور جي پ??ڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو. ان سلسلي ۾ هڪ خصوصي تقريب ۾ و??يراعظم فلائي اوور جي پ??ڙهه جو پٿر رکيو. تقريب ۾ گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، مسلم ليگ (ن) جو اڳواڻ حنيف عباسي، سي ڊي اي چيئرمين نورالامين مينگل ۽ راولپنڊي، اسلام آباد سان تعلق رکندڙ مسلم ليگ (ن) جا ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا. سي ڊي اي چيئرمين وزيراعظم کي منصوبي بابت بريفنگ ڏني. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ???? منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان ٽريفڪ جي رواني ۾ آساني ٿيندي ۽ شاهين چوڪ هڪ سگنل فري چوڪ بڻجندو، منصوبي تي 2 ارب لاڳت ايندي. شروعاتي طور تي ا?? منصوبي جي مڪمل ٿيڻ جو مدو 8 مهينا مقرر ڪيو ويو هو پر وزيراعظم جي هدايت تي ان کي 3 مهينن ۾ مڪمل ڪيو ويندو. شاهين چوڪ فلائي اوور، اليونٿ ايونيو، مارگلا ايونيو، نائنٿ ايونيو ۽ سري نگر هاءِ کي پاڻ ۾ ڳنڍيندو.