لاهور-06 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گورنر هائوس لاهور ۾ پاڪستان ڪڊني ??ينڊ ليور انسٽيٽيوٽ يونيورسٽي جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو. پاڪستان ڪڊني ??ينڊ ليور انسٽيٽيوٽ جي انتظام هيٺ هيپاٽائٽس سي آگاهي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم ????و ته ڪانفرنس ۾ شريڪ سمورن ملڪي ۽ پرڏيهي نمائندن کي ڀليڪار چوان ٿو، پي ڪي ايل آءِ 2015ع ۾ پنهنجي سفر جي شروعات ڪئي، يونيورسٽي جي قيام هڪ وڏو منصوبو آهي، 2018ع ۾ پي ڪي ايل آءِ جي پڄاڻي ٿي، پروفيسر سعيد اختر پي ڪي ايل اءِ لاءِ گهڻي محنت ڪئي، ڊاڪٽر سعيد جي سربراهي ۾ ليور ٽرانسپلانٽ جي شروعات ڪئي. هن چ??و ته امير ۽ غريب ۾ بنا فرق جي پي ڪي ايل آءِ ۾ علاج ڪيو ويندو آهي، مريضن لاءِ پي ڪي ايل آءِ هڪ اميد جي ڪرڻو آهي، پي ڪي ايل آءِ کي جديد خطوط تي عالمي معيار جي مطابق بڻايو ويو. هن چ??و ته هيپاٽائٽس جي روڪٿام لاءِ وفاق صوبن کي فنڊز فراه?? ڪندي. ان قدمن جو مقصد مريضن کي بهترين خدمتون فراهم ڪرڻ آهي، سرندي وارا به فنڊز ۽ دوائون اداري کي فراه?? ڪندا. وزيراعظم ????و ته پي ڪي ايل آءِ جي ڊاڪٽرز ۽ عملو بهترين خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن، هيپاٽائٽس جي روڪٿام لاءِ آگاهي مهم گهڻي ضروري آهي، پي ڪي ايل لاءِ ٽرسٽ فنڊز ۾ 15 ارب روپيا گڏ ٿيا آهن.