بيجنگ – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان علائقائي رابطن ۽ اقتصادي ??رقي کي فروغ ڏيڻ، گوادر کي گڏيل رابطن جو مر??ز بڻائڻ ۽ ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ??رقي جي لاءِ چين سان گڏجي ڪم جاري رکندو. عظي?? عوامي هال بيجنگ ۾ چيني صدر شي جن پنگ سان ملاقات جي حوالي سان پنهنجي ٽوئي?? ۾ ??ن چيو ته اسان پاڪستان ۽ چين جي گهڻ رخي لاڳاپن جي مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ سدا بهار تعاون، اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن، سي پيڪ، پنهنجي پراڻي ۽ ثابت قدم دوستي جو ورجاءُ ڪيو. نگران وزيراعظم ان کي ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم جي ڪاميابي ۽ بي آر آئي جي 10 هين سالگرهه تي مبارڪباد ڏني. نگران وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان علائقائي رابطن ۽ اقتصادي ??رقي کي فروغ ڏيڻ ۽ گوادر کي رابطن جو مر??ز بڻائڻ ۽ پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ??رقي جي لاءِ چين سان گڏجي ڪم جاري رکندو. پنهنجي ٽوئي?? ۾ ??گران وزيراعظم چيو ته چيني صدر شي جن پنگ کيس يقين ڏياريو ته چين پاڪستان جي خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ ترقي جي حمايت جاري رکندو ۽ اسان جي جاگرافيائي بيهڪ جي صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ ۽ علائقائي واپار ۽ معاشي مر??ز جي طو?? تي اسان جي حمايت جاري رکندو جيڪو اسان جو گڏيل ويزن آهي، مون صدر شي جن پنگ کي جلد کان جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت پڻ ڏني جنهن کي هن خوشي سان قبول ڪري ورتو.