اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) والاريل ڪشمير تي ڀارت جي غيرقانوني قبض?? جي خلاف ڪشمير ڏهاڙ?? جي موقعي تي وفاقي گادي واري شهر ??سلام آباد ۾ پرڏيهي آفيس کان ڪشميري عوام سان يڪجهت?? جي اظهار لاءِ هڪ ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي، پرڏيهي سيڪريٽري سائرس سجاد قاضي، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري ظهور احمد، غلام محمد صفي سميت ڪل جماعتي حريت ڪانفر??س جي اڳواڻن، سياسي ۽ مذهبي اڳواڻن، اهميت شخصيتن، پرڏيهي وزارت جي آفيسرن ۽ زندگ?? جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي هڪ وڏي انگ شرڪت ڪئي. ريلي کي خطاب ڪندي اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته ڪشميري عوام تي ظلم جي تاريخ ڏهاڪن تي ٻڌل آهي، ڀارتي ظلمن جي باوجود ڪشميرين جي آزاد?? جي جذبي ۾ اضافو ٿيو آهي، دنيا جي ڪا به طاقت ڪشميرين جي خودمختياري واري حق جي جدوجهد ۽ آزاد?? جي جذبي کي ختم نه ٿي ڪري سگهي. هن چيو ته ڀارت 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڄمون ۽ ڪشمير تي غيرقانوني قبضو ڪيو ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ڪشمير بابت پاس ٿيل قراردادن جي خلاف ورزي ۽ پنهنجي آئين جي خلاف ورزي جو مرتڪب ٿي رهيو آهي. ريل?? جي موقعي تي ٻين خطاب ڪندڙن چيو ته ڪشميري عوام 76 سالن کان ڀارتي ڏاڍ ۽ ظلم برداشت ڪري رهي آهي. پاڪستان ڪشميري عوام سان گڏ آهي ۽ گڏ رهندو. هن چيو ته 1947ع کان شروع ٿيل ظلم اڄ به جاري آهي، ڀارت والاريل ڪشمير ۾ ماڻهن کي عدالت کان مٿانهون قتل ڪري رهيو آهي. هنن گڏيل قومن تي زور ڏنو ته هو ڪشمير جو مسئلو حل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، ڀارت والاريل علائقي ۾ آبادي جو تناسب تبديل ڪرڻ جي لاءِ غيرقانوني قدم کڻي رهيو آهي. خطاب ڪندڙن چيو ته ڀارت 27 آڪٽوبر 1947ع تي سرينگر ۾ پنهنجي فوج ل??هي ڪشمير تي غيرقانوني قبضو ڪيو. هن چيو ته اڄ کان 76 سال اڳ ڀارت ڪشمير تي جبري قبضو ڪيو، ??هو جبر ۽ ظلم هن وقت تائين جاري آهي. هنن چيو ته جيئن جيئن ظلم ۽ ڏاڍ وڌيو ڪشميري عوام جو جذبو به ائين ئي وڌيو آهي. ريلي کي خطاب ڪندي حريت ڪانفر??س جي اڳواڻن چيو ته ڀارت ڪشميرين جي خودمختياري واري حق جي جدوجهد کي وڌيڪ عرصي تائين نٿو دٻائي سگهي. هنن ڪشميري عوام کي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته پاڪستان ڪشميرين جي منصفاڻي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ بيٺل آهي. هنن چيو ته ڪشميري عوام ڀارتي قابض فوج جو مقابلو انتهائي بهادري سان ڀرپور طريقي سان ڪيو آهي. ڪشمير جي آزاد?? جي جدوجهد دوران هيستائين لکين شهيدن قربانيون ڏنيون آهن. هنن عالمي برادري کي چيو ته اها ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي رياستي دهشتگردي ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين تي اکيون بند نه ڪري. ان کان اڳ ريلي پرڏيهي وزارت کان شروع ٿي ڊي چوڪ تي پڄاڻي تي پهتي.