اسلام آباد – 22 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ نگ??ان وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ??يو آهي جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن بلوچ مظاهرين جي خلاف پوليس جي غيرمناسب سلوڪ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. صدر سان بلوچستان جي گورنر ملڪ عبدالولي خان ڪاڪڙ پڻ ملاقات ڪئي جنهن ۾ صوبي جي مجموعي صورتحال، بلوچ مظاهرين تي پوليس جي تشدد تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ نگ??ان وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي وچ ۾ ٿيندڙ ٽيليفونڪ رابطي ۾ ٻنهي اڳواڻن جو چوڻ هو ته پوليس کي مظاهرين جي خلاف سختي سان پيش اچڻ نه گهرجي ها. نگ??ان وزيراعظم چيو ته گرفتاري مظاهرين کي ذ??تي مچلڪن تي آزاد ??ري رهيا آهيون. بعد ۾ صدر سان بلوچستان جي گورنر ملڪ عبدالولي خان ڪاڪڙ پڻ ملاقات ڪئي. جنهن ۾ بلوچستان جي گورنر چيو ته پوليس کي مظاهرين سان تحمل ۽ همدرديءَ سان پيش اچڻ گهرجي، ملاقات ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ويو ته پوليس کي حدن ۽ اختيارن کان تجاوز نه ڪرڻ گهرجي ها. بلوچستان جي گورنر چيو ته پوليس احتجاج ڪندڙن کي فوري آزاد ??ري. ٻنهي اڳواڻن بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ تي زور ڏنو.