اسلام آ??اد – 11 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي اسلام آ??اد هاءِ ڪورٽ جرنلسٽس ايسوسيئيشن جي نئين چونڊيل عهديدارن کي مبارڪ??اد ڏيندي چيو آهي ته صحافت ۾ ڪورٽ رپورٽرز جو اهم ڪردار آهي، وڪيلن وانگر ڪورٽ رپورٽرز ک?? به قانون کان آگاهي رکڻي پوي ٿي. پنهنجي مبارڪ??اد واري بيان ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته نگران حڪومت اظهار راءِ جي آزادي تي پڪو يقين رکي ٿي. هن چيو ته ڪورٽ رپورٽرز ٽيڪنيڪل فيلڊ آهي، وڪيلن وانگر ڪورٽ رپورٽرز کي قانون کان آگاهي رکڻي پوي ٿي. هن چيو ته غيرجان??دا??اڻي صحافت سان ئي معاشرو صحيح رخ وٺي سگهي ٿو. هن چيو ته فيلڊ ۾ ڪم ڪندڙ صحافين جا مسئلا حل ڪيا ويندا. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته اسلام آ??اد هاءِ ڪورٽ جرنلسٽس ايسوسيئيشن جي نئين چونڊيل عهديدارن جي چونڊ صحافين جي انهن تي اعتماد جو مظهر آهي، اميد آهي نوان چونڊيل عهديدار پنهنجي ساٿي رپورٽرز جي اميدن تي پورو لهندا. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير اسلام آ??اد هاءِ ڪورٽ جرنلسٽس ايسوسيئيشن جي 2024ع جي چونڊن ۾ نئين چونڊيل صدر فياض محمود، سينيئر نائب صدر حسين احمد، نائب صدر (وومين) امبرين علي، جنرل سيڪريٽري محمد عمران، فنانس سيڪريٽري شهزاد علي، جوائنٽ سيڪريٽري عادل سعيد عباسي، سيڪريٽري اطلاعات فرح مه جبين سميت ايگ??يڪ??وٽو باڊي جي ميمبرن عامر بلوچ، رئوف بزمي، عابد علي آرائين، ابراهي?? عباسي ۽ ادريس عباسي کي مبارڪ??اد ڏني.