اسلام آباد – 29 فيبروري (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبلي جي نئين چونڊيل ميمبر احسن اقبال چيو آهي ته سمورين پارٽين جي ذميواري آهي ته هو ملڪ کي معاشي ۽ سياسي بحران مان ڪڍڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. پارليامنٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪا هڪ پارٽي ملڪ کي بحرانن مان نٿي ڪٺي سگهي. سمور??ون سياسي پارٽ??ون پنهنجي پنهنجي جاءِ تي ان ۾ ڪردار ادا ڪري سگهن ٿ??ون. هن چيو ته سمورين پارٽين کي متحد ٿي ميثاق معيشت تي ڳالهائڻ گهرجي. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) ملڪ ۾ ترقياتي ڪمن کي ان ئي رفتار سان ٻيهر شروع ڪندي جنهن رفتار سان اسان 2013 ۽ 2018 ۾ ڇڏيو هو. هن چيو ته اسان اهو فيصلو پڻ ڪرڻو آهي ته اسان ملڪ کي روانگي واپار ذري??ي بحران مان ڪڍڻو آهي يا قرضن سان. هن چيو ته سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي انهن سمورن آپشنز تي ڳالهائڻ گهرجي.