ڪراچي – 05 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ميڊيا ها??وسز جون رهتون ڪيترن ئي سالن کان التوا جو شڪار هيون، وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي ميڊيا ها??وسز جي رهتن جي ادائگي ??ي لاءِ عملي قدم کنيا، اي سي سي ميڊيا ها??وسز کي رهتن جي ادائگي ??ي لاءِ ضمني گرانٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ص??اف??ن ۽ ميڊيا ورڪرز جي حق تلفي ٿيڻ نه ڏني ويندي، معيشت جي استحڪام جي لاءِ سمورين ڌرين کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اها ڳالهه هن ميڊيا تنظيمن آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي (اي پي اين ايس)، ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز (سي پي اين اي) ۽ پاڪستان براڊ ڪاسٽرز ايسوسيئيشن (پي بي اي) جي عهديد??رن سان جدا جدا ملاقاتن دوران ڳالهائيندي چئي. ملاقاتن ۾ ميڊيا ورڪرز، ص??اف??ن، اخباري صنعت کي درپيش مسئلن ۽ معاشي صورتحال سميت ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ميڊيا ورڪرز ۽ ص??اف??ن جي مسئلن کان آگاهه آهيون، ص??اف??ن ۽ ميڊيا ورڪرز جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ سميت انهن جي حقن جو تحفظ ۽ سهولتن جي فراهمي جي لاءِ عملي قدم کڻنداسين. هن چيو ته ميڊيا ها??وسز جون رهتون ڪيترن ئي سالن کان التوا جو شڪار هيون، وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي ميڊيا ها??وسز جي رهتن جي ادائيگي ??ي لاءِ عملي قدم کنيا آهن. هن چيو ته اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) ميڊيا ها??وسز کي بقايائن ۽ رهتن جي ادائگي ??ي لاءِ ضمني گرانٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. هن چيو ته اطلاعات واري وزارت حڪومت، ص??اف??ن ۽ ميڊيا ها??وسز جي وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ص??اف??ن جي علاج جي لاءِ هيلٿ ڪارڊ تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، انهن کي جلد هيلٿ ڪارڊ جاري ڪيو ويندو. هن چيو ته ص??اف??ن ۽ ميڊيا ورڪرز جي حق تلفي ٿيڻ نه ڏني ويندي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته معاشي مشڪلاتون ضرور آهن پر وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ حڪومت معاشي مسئلن جي حل لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته عوامي ??عيشت اسان جو تمام وڏو مسئلو آهي. هن چيو ته ايف بي آر جي ڊيجيٽلائيزيشن تي ڪم ڪيو پيو وڃي، ٽيڪس نه ڏيندڙن جي مڪينزم بڻايو پيو وڃي. هن چيو ته معيشت جي استحڪام جي لاءِ سمورين ڌرين کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ان موقعي تي ميڊيا تنظيمن حڪومت جي معاشي بحالي جي سمورن قدمن ۾ ڀرپور ساٿ ڏيڻ جو يقين ڏياريو. ميڊيا تنظيمن فنڊز جاري ڪرڻ ۾ تعاون فراهم ڪرڻ تي اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ جا ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن تفصيلي بريفنگ ڏني.