مڪه مڪرمه – 08 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف وفد سا?? گڏ عمرو ادا ڪيو، ان موقعي تي بيت الله جا دروازا ک??لي وزيراعظم کي خاص زيارت ڪرائي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب وزيراعظم پنهنجي سعودي عرب جي دوري ۾ سومر ڏينهن وفد سا?? گڏ عمرو ادا ڪيو. هن خا??ه ڪعبه جو طواف ڪيو ۽ عمري جا ٻيا فرض ادا ڪيا. وزيراعظم خا??ه ڪعبه ۾ نفل پڻ ادا ڪيا، کيس بيت الله جا دروازا ک??لي خاص زيارت ڪرائي وئي. وزيراعظم ان موقعي تي ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ مسلمان امت جي يڪجهتي جي لاءِ خصوصي دعا ڪئي. هن عالمي امن، سڄي دنيا جي مسلمانن خاص طور تي فلسطين ۽ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄ??ون ۽ ڪشمير جي مظلوم مسلمانن جي حق ۾ پڻ خصوصي دعا ڪئي. وفاقي ڪابينا جا ميمبر ۽ پنجاب جي وزيراعليٰ پڻ وزيراعظم سا?? گڏ هئا.