اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) شهيدن جي وارثن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي ته شرپسندن جي اڳيان ڪنهن به صورت ۾ نه جهُڪنداسين، اسان کي پنهنجي شهيدن تي فخر آهي، ان کي سي??ست جي ور چاڙهڻ نه گهرجي، 9 مئي جي ذميوارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي، شهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي ڪا قوم به برداشت نه ٿي ڪري سگ??ي. اهڙن خيالن جو اظهار هنن اطلاعات واري وزارت جي اهتمام ه??ٺ شهيدن ۽ انهن جي خاندانن سان يڪجهتي جي اظهار جي تقريب ۾ ڳالهائيندي ڪيو. تقريب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف، وفاقي وزيرن، پارليامينٽ ميمبرن سميت اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. تقريب ۾ ڳالهائيندي ميجر منيب افضل شهيد جي والد مير افضل خٽڪ چيو ته منهنجي پٽ سميت سمورن شهيدن ۾ ملڪ ۽ قوم جي خدمت ۽ دفاع جو جذبو موجود هوندو آهي، منهنجي پٽ فرض تي ٺاهه نه ڪيو، جيڪي ماڻهو ملڪ ۽ قوم جي لاءِ جان قربان ڪن انهن کي مردهه ناهي چئبو، جنهن راهه ۾ اسان جا پٽ شهيد ٿيا آهن اسان کي ان تي فخر آهي، اسان جي شهيدن اسان جو ڳاٽ بلند ڪري ڇڏيو آهي، نوجوانن جا جذبا جوان آهن، ڪو به دشمن ميري اک سان پاڪستان طرف نه ٿو ڏسي سگ??ي. آءِ جي اسلام آباد علي ناصر رضوي چيو ته شهيدن جي وارثن کي سلام پيش ڪريون ٿا، 9 مئي 2023ع جو ڏينهن وساري نه ٿا سگ??ون، ڪجهه شرپسند عنصر هڪ پوليس آفيسر جي اک کسي وٺندا ته ڇا پوليس جو جذبو ڪمزور ٿي ويندو، 9 مئي تي مون کي شهادت به قبول هئي پر منهنجو نالو غازين ۾ شامل ٿيو، پوليس آفيسر ۽ اهلڪار شهادت جي جذبي سان سرشار آهن. هن چيو ته شرپسندن ماڻهن جي ملڪيتن ۽ حساس ٺڪاڻن کي نقصان پهچايو، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن آئين ۽ قانون تي عمل ڪيو، شرپسندن جي اڳيان ڪنهن به صورت ۾ نه جهُڪنداسين، 9 مئي جي شرپسندن جا ڪنڌ هيٺ آهن ۽ اسان جا ڪنڌ فخر سان بلند آهن، شرپسندن ۽ دهشتگردن کي معلوم هجڻ گهرجي ته اسان شهادت جي جذبي سان سرشار آهيون. ڪرنل سهيل عابد شهيد جي بيواهه چيو ته اسان کي پنهنجي شهيدن تي فخر آهي، ان کي سي??ست جي ور نه چاڙهڻ گهرجي. ميجر اڪبر اعواڻ شهيد جي بيواهه چيو ته ميجر اڪبر اعواڻ پنهنجي رت جو آخري ڦڙو به هن ملڪ ۽ قوم تي نڇاور ڪري ڇڏيو، پاڪ فوج اسان کي ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏيو. ڪيپٽن ڪاشف شهيد جي والده چيو ته پٽ جي شهادت تي فخر آهي، منهنجي پٽ ملڪ جي لاءِ جان قربان ڪئي، 9 مئي جي واقعن اسان کي ڏک ڏنو، 9 مئي جي ذميوارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي، شهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي ڪا قوم به برداشت نه ٿي ڪري سگ??ي. شهيد جي پٽ شيراز اُپل چيو ته گذريل سال 9 مئي جي واقعن سان دلي تڪليف ٿي، ملڪ جي لاءِ جان قربان ڪندڙن جو قدر ڪرڻ گهرجي. هن شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ پاڻ نغمو به پيش ڪيو.