اسلام آباد – 12 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهب??ز شريف هدايت ڪئي آهي ته محرم الحرام جي مهيني خاص طور تي عاشوري دوران صوبن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي حڪومتن سان سيڪيورٽي معا??لن تي هم آهنگي ۽ رابطا وڌيڪ بهتر ڪيا وڃن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهب??ز شريف سان گهرو معا??لن ۽ منشيات جي خاتمي واري وفاقي وزير سيد محسن رضا نقوي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ محرم الحرام دوران امن امان جي صورتحال جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم محرم الحرام جي مهيني خاص طور تي عاشوري جي دوران صوبن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي حڪومتن سان سيڪيورٽي معا??لن تي هم آهنگي ۽ رابطا وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ان موقعي تي وفاقي گهرو وزارت سان ??اڳ??پيل ٻين معا??لن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ملڪ جي م??مو??ي ۽ سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.