اسلام آباد – 26 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان تاجڪستان جي سفير شريف زاده يوسف طائر وزيراعظم هائوس ۾ مل??قا?? ڪئي، ان موقعي تي وزيراعظم تاجڪ سفير جي آجيان ڪندي پاڪستان ۾ سندس مقرري جي مدي جي ڪاميابي ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب مل??قا?? دوران هلندڙ مهيني دوشنبي جي پنهنجي تازي دوري جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته هو تاجڪ صدر امام علي رحمان جي شاندار استقبال کان تمام گهڻو متاثر ٿيو ۽ دوري دوران ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ لاڀائتي ڳالهه ٻولهه ٿي. پنهنجي دوري دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ طئي ٿيندڙ مفاهمتي يادداشتن/ معاهدن تي اطمينان جو اظهار ڪندي وزيراعظم زور ڏنو ته انهن تي وقت سر عملدرآمد سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم شهباز شريف صدر رحمان کي جلد کان جلد پ??ڪستان جي سرڪاري دوري ڪرڻ جي دعوت کي ورجائيندي چيو ته پاڪستان هن سال آڪٽوبر ۾ اسلام آباد ۾ ٿيندڙ شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس ۾ تاجڪستان جي شرڪت جو ??نتظر آهي. تاجڪ سفير وزيراعظم کي تعليم، زراعت ۽ دفاع سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ ۽ زميني ۽ فضائي رستن جي ذريعي رابطن کي وڌائڻ جي حوالي سان تجويزون پيش ڪيون. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي تاجڪ سفير سان رابطو ڪري انهن تجويزن تي عملدرآمد جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. مل??قا?? ۾ ڪاسا – 1000 سميت علائقائي رابطن جا ٻيا منصوبا به بحث هيٺ آيا. تاجڪ سفير وزيراعظم جي استقبال تي سندس ٿورا مڃيا، کيس تاجڪ صدر پاران مبارڪباد پيش ڪئي ۽ پاڪستان سان پنهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو.