اسلام آباد-07 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان چيو ??هي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي سربراهي ۾ معاشي بحالي، عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، نو??وانن جي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻڻ لاءِ پرعزم آهيون، بااختيار نو??وان پنهنجي خاندان ۽ ملڪ جي خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. اهڙو اظهار هن پريس ڪانفرنس کي ڪندي ڪيو. هن چ??و ته مهانگائي 4 سالن جي گهٽ ترين سطح تي آهي، حڪومت معيشت کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، سمورا معاشي اهڃاڻ مثبت آهن. ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ مهانگائي ۾ وڌيڪ گهٽتائي ايندي ۽ عوام کي رليف ملندو. هن چ??و ته پاڪ??تا?? دولت مشترڪه سان فعال انداز ۾ گڏجي ڪم ڪري رهيو ??هي، 2017ع تائين پاڪ??تا?? ۾ چين سميت ٻيا ملڪ سيڙپڪاري ڪري رهيا هئا، 2017ع کان 2024ع جي وچ ڌاري پاڪ??تا?? ۾ ڪا به سيڙپڪاري نه آئي جنهن جو اسان کي تمام وڏو نقصان کڻڻو پيو، حڪومتي قدمن سبب سڄي دنيا جا سيڙپڪار پاڪ??تا?? جو رخ ڪري رهيا آهن. دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل پاڪ??تا?? جو دورو ڪيو، دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل جو دورو انتهائي ڪامياب رهيو، ڪيترن ئي معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحيون ڪيون ويون، ان جا اثر جلد سامهون ايندا. پاڪ??تا?? دولت مشترڪه سان مصنوعي ذهانت ۾ تعاون جو معاهدو ڪيو ??هي، جيڪو 12 آگسٽ تي نو??وانن جي عالمي ڏينهن تي جاري ڪيو ويندو. هن چ??و ته دولت مشترڪه جي يوٿ منسٽرز جي ٽاسڪ فورس جي چيئرمين شپ پاڪ??تا?? وٽ آهي، ان ٽاسڪ فورس تحت دولت مشترڪه جي 56 ميمبر ملڪن جا تعليم، راندين ۽ صنعت وارا وزير ايندڙ سال پاڪ??تا?? جو دورو ڪندا، ان سان انهن ملڪن وچ ۾ واپار ۽ ڪاروبار جا موقعا پيدا ٿيندا. هن چ??و ته هلندڙ مهيني جي آخر ۾ وزيراعظم يوٿ لون اسڪيم ٻيهر شروع ڪئي ويندي، 3 لک نو??وانن ۾ 100 ارب روپين جا قرض ورهايا ويندا، انهن قرضن جي واپسي جي شرح 97 سيڪڙو آهي ان سان ملڪي معيشت کي 900 ارب روپين جو فائدو ٿيو ??هي، انهن نو??وانن 30 هزار ملازمتون فراهم ڪيون آهن. هن چ??و ته موجوده حڪومت جي دانشمنداڻي قدمن سبب آءِ ٽي جي روانگي واپار ۾ نمايان اضافو ٿيو ??هي، ڇاڪاڻ ته حڪومت آءِ ٽي کي هٿي ڏيڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي.