اسلام آباد _ 8 آگسٽ (اي پي پي )گهرو وزارت چيو آهي ته گذريل 3 سالن دوران ملڪ ۾ سائبر ڪرائيم جون 3 لک 86 هزار 600 شڪايتون داخل ڪرايون ويون آهن. جن مان 2 لک 46 هزار 751 شڪايتن جي تصديق جڏ??ن ته 48 هزار 153 انڪوائريون ڪيون ويون. گهرو وزارت طرفان قومي اسيمبلي کي فراهم ڪيل انگن اکرن مطابق ??ٿي ڄاڻايل ٽن سالن دوران شڪايتن تي انڪوائرين بعد 4 هزار 67 ايف آئي آرز داخل ڪرايون ويون جڏ??ن ته 178 جوابدارن کي سزائون ڏنيون ويون. سال 2021ع ۾ سائبر ڪرائيم ونگ کي هڪ لک 15 هزار 868 شڪايتون مليون جن مان 80 هزار 803 جي تصديق ۽ 15 هزار 766 جون انڪوائريون ڪيون ويون، هڪ هزار 223 ايف آئي آرز داخل ڪرايون ويون جڏهن ??ه 38 جوابدارن کي سزائون مليون. اهڙي طرح 2022ع ۾ هڪ هزار 223 ايف آئي آرز داخل ڪرايون ويون جن مان 83 هزار 552 جي تصديق ۽ 14 هزار 380 ڪيسن جون انڪوائريون ٿيون ۽ هڪ هزار 469 ايف آئي آرز داخل ڪرايون ويون جڏ??ن ته 48 جوابدارن کي سزائون ٿيون . 2023ع ?? هڪ لک 34 هزار 710 شڪايتون مليون جڏ??ن ته 82 هزار 396 جي تصديق ٿي ۽ 18 هزار 12 انڪوائريون ڪيون ويون . هڪ هزار 375 ايف آئي آرز داخل ڪيون ويون جڏ??ن ته 92 هزار جوابدارن کي سزائون ٿيون.