اسلام آباد – 13 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ??صف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ دوست ملڪن سان واپاري، اقتصادي ۽ سيڙپڪا??ي جا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. ايوان صدر ??ي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ??هڙن خيالن ج?? اظهار ويتنام، مالديپ ۽ آئرلينڊ جي سفيرن سان ڳالهائيندي ڪيو جن ايوان صدر ۾ کيس سفارتي سندون پيش ڪيون. سفيرن صدر ??ان جدا جدا ملاقاتون پڻ ڪيون. صدر ??فيرن کي پاڪستان ۾ مقرري تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پاڪستان سمورن دوست ملڪن سان ٻطرفو واپاري ماپو وڌائڻ تي ڌيان ڏئي رهيو آهي. آصف علي زرداري ان اميد جو اظهار ڪيو ته نامزد سفير پاڪستان سان گڏيل فائديمند تعاون وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. صدر چيو ته پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪا??ي جا بهترين موقعا موجود آهن، سيڙپڪارن کي زراعت، توانائي، انفراسٽرڪچر، مينوفيڪچرنگ، انفارميشن ٽيڪنالاجي، کا??ين ج?? کوٽائي ۽ گرين ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ گهرجي. ان کان اڳ سفيرن کي ايوان صدر پهچڻ تي پاڪستان ج?? هٿياربند فوج جي دستي گارڊ آف آنر پيش ڪيو.