اسلام آباد -26 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي بلوچ??تا?? جي علائقي موسيٰ خيل ويجهو دهشتگردي جي بدترين واقعي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي، ته دهشتگرد ۽ انهن جي سهولتڪارن کي عبرتناڪ انجام تائين پڄايو ويندو. دهشتگردي جي جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز سان زندگي جي هر طبقي لازوال قربانيون ڏنيون آهن. ڪالهه پن??نجي بيان ۾ گهرو وزير محسن نقوي 23 مسافرن جي قتل جي واقعي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. گهرو وزير دهشتگردن جي بزدلاڻين ڪارروائين ۾ مارجي ويلن جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. محسن نقوي جو چوڻ هو ته موسيٰ خيل ويجهو دهشتگردن معصوم ماڻهن کي نشانو بڻائي ڏاڍ جو مظاهرو ڪيو. سفاڪيت ۽ ظلم جي انتها ڪئي وئي. هن جو چوڻ هو ته حڪومت قتل ٿيل ماڻهن جي وارثن سان دلي همدردي جو اظهار ڪري ٿي ۽ ڏکويل ڪٽنبن سان سندن غم ?? برابر جي شريڪ آهي.