اسلام آباد-30 آگسٽ (اي پي پي) رٿابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته وفاقي اوڳاڙين جو 100 سيڪڙو قرضن جي ادائيگي ۾ هليو ويندو آهي، ارڙهين ترميم کانپوءِ علائقائي ترقي صوبن جي ذميواري آهي، پر ان جي باوجود وفاقي ح??ومت مختلف ضلعن ۾ صوبن سان گڏجي ترقياتي پروگرام شروع ڪيا آهن، سکر –حيدرآباد موٽر وي منصوبي ج?? حوالي سان چين سان ڳالهيون جاري آهن جهڙي طرح به ممڪن ٿيو اهو منصوبو مڪمل ڪيو ويندو. جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ سوالن واري وقفي دوران آغا رفيع الله جي سوال جي ج??اب ۾ وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته بنا شڪ جي ترقي ج?? حوالي سان ??لڪ جي مختلف علائقن ۾ فرق ڏٺو وڃي ٿو. هن چيو ته پي ايس ڊي پي ج?? ڳاڻيٽو 1400 ارب کان گهٽجي 1100 ارب تائين اچي ويو آهي، ممڪن آهي ان ۾ اڃان به گهٽتائي اچي ڇاڪاڻ ته وفاق جي اوڳاڙين جو 100 سيڪڙو قرضن ۾ هليو ويندو آهي، وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ ڍانچاجاتي سڌارن جو عمل جاري آهي، ارڙهين ترميم کانپوءِ اسان جي ترقي ج??ن ضرورتون تبديل ٿي ويون آهن، وفاقي ترقياتي بجيٽ جو ڳاڻيٽو گهٽجڻ باوجود وفاقي ح??ومت ??لڪ جي 20 ضلعن ۾ وفاقي ۽ صوبائي ح??ومتن جي شراڪت سان ترقياتي پروگرام شروع ڪيا آهن. آءِ ايم ايف سان فريم ورڪ سبب وزيراعظم عوام تي گهٽ کان گهٽ بار وجهڻ چاهي ٿو، 2018ع ۾ صوبائي نوعيت جي منصوبن جو پي ايس ڊي پي ۾ ڳاڻيٽو 15 سيڪڙو هو جيڪو هاڻي 40 سيڪڙو تائين اچي ويو آهي، پر وفاقي ح??ومت جي وسيلن ۾ 60 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي. هن چيو ته بنيادي طور تي علائقائي ترقي صوبن جي دائري ڪار ۾ اچي ٿي. ڊاڪٽر شازيه ثوبيه جي ضمني سوال جي ج??اب ۾ وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته پي ايس ڊي پي ج?? ورڇ صوبائي بنيادن تي ناهي ٿيندي ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ڪنهن صوبي ۾ بجلي ج?? ڪو منصوبو لڳي ٿو ته ان جو فائدو پوري ??لڪ کي ٿئي ٿو،گذريل بجيٽ جي موقعي تي پي ايس ڊي پي ۾ بلوچستان لاءِ سڀ کان وڌيڪ منصوبا رکيا ويا هئا، هڪ ٻئي سوال جي ج??اب ۾ هن چيو ته ڪراچي – حيدرآباد سپر هاءِ وي کي موٽر وي بڻايو ويو آهي پر اسان اهو سمجهون ٿا ته اهو ڪافي ناهي، چين جي مدد سان ڪراچي – حيدرآباد نئين موٽر وي منصوبي ج?? فزيبلٽي ٺاهي پئي وڃي. سکر – حيدرآباد موٽر وي منصوبو جيڪو اسان جي ح??ومت وڃڻ کانپوءِ ختم ڪيو ويو هو هاڻي ان منصوبي ج?? تڪميل لاءِ چين سان ڳالهين جو عمل جاري آهي. اعجاز جکراڻي ج?? سوال جي ج??اب ۾ احسن اقبال چيو ته اسان کي ترقي ج?? عمل کي وڌائڻ لاءِ نجي شعبي کي به حصيدار بڻائڻو پوندو. سکر – حيدرآباد موٽر وي منصوبي لاءِ اسان وٽ ٻئي آپشن موجود آهن آهن جيڪو بهتر لڳو ان منصوبي کي مڪمل ڪيو ويندو.