اشڪ آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري 10 ۽ 11 آڪٽوبر تي اشڪ آباد دوري ??وران ترڪمانستان جي قيادت سان ون آن ون ملاقاتون ڪيون. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ??يان موجب صدر ترڪمانستان جي صدر سردار بردي محمدوف ۽ ترڪمانستان جي ??وم?? اڳواڻ ۽ ترڪمانستان جي پيپلز ڪائونسل جي چيئرمين ڪرنگولي بردي محمدوف سان ملاقات ڪئي. پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي اڳواڻن ملاقاتن دوران ٻطرفن لاڳاپن تي خ??الن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن سمورن شعبن خاص طور تي واپار ۽ ٻطرفا رابطا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خ??اهش جو اظهار ڪيو.
صدر ترڪمانستان جي ??وم?? اڳواڻ ۽ ترڪمانستان جي صدر کي جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت جو ورج??ءُ ڪيو. پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي وچ ۾ مضبوط ۽ گهرا دوستاڻا لاڳاپا قائم آهن ۽ ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا تاريخ ۽ خطي ۾ امن ۽ خوشحالي جي گڏيل ويزن تي ٻڌل آهن. صدر آصف علي زرداري ??المي فورم ”وقت ۽ تهذيبن جو گڏيل تعلق – امن ۽ ترقي جو بنياد“ ۾ شرڪت جي لاءِ ترڪمانستان جي دوري ??ي آهي. فورم 11 آڪٽوبر تي مخدوم گلي فراگي جي پيدائش جي 300هين جنم ڏهاڙي جي موقعي تي منعقد ڪيو ويو.