اسلام آباد – 03 مارچ (اي پي پي) سينيٽ ۾ قائد ايوان سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته اسان سڀ ان ڳالهه تي متفق آهيون ته عمران خ??ن ايماندار شخص آهي ۽ سندس ڪو به ذاتي مفاد نه آهي ۽ نه ئي هن جي ڪنهن سان ڪا ذاتي دشمني آهي، نواز شريف پنهنجي بيماري کي پاڻ تڪراري بڻايو آهي، سندس پارٽي ۾ به بيچيني پيدا ٿي وئي آهي، اسان جون ڪمزوريون ضرور آهن پر حڪومت ۾ ملڪ ??ي ڪمزور طبقن جي ڀلائي لاءِ آيا آهيون، ان ڳالهه کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويند?? ته ڪو ماڻهو پاڪستان جي جهنڊي ۽ رياست خلاف نعرو هڻي، جيڪڏهن ان کي روڪيو وي?? ته گهرو ويڙهه ٿيندي، سڀني کي دعوت ڏيون ٿا ته پارليامينٽ ۾ اچي ڳالهائين، جيستائين ادارن ۾ سڌارا نه ايندا تيستائين ملڪ ??رقي نه ڪري سگهندو، پاڪستان جلد ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ مان نڪري ايندو. قومي خابرو اداري (اي پي پي) جي هيڊڪوارٽر ۾ هڪ پينل انٽرويو ۾ هن چي?? ته هر حڪومت جي خواهش هوندي ??هي ته ان جي لاءِ سياسي ۽ سماجي مسئلا نه ٿين.