لاهور – 07 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته هڪ جه??ي تعليمي نصاب سان ئي معاشري ۾ امتيازي سلوڪ ختم ڪري سگهجي ٿو، تعليم ج?? ذريعي ئي اصل ترقي ممڪن آهي، اسڪولن ۾ سهولتون ڏنيون وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنجاب صوبي جي تعليمي نظام ۾ سڌارن جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وفاقي وزير شفقت محمود، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير حماد اظهر، گهرو صلاحڪار مرزا شهزاد اڪبر، پنجاب جي وڏي وزير سردا?? عثمان بوزدار، تعليم واري صو??ائ?? وزير مراد راس، ناڻي واري صو??ائ?? وزير مخدوم هاشم جوان بخت، اطلاعات واري صو??ائ?? وزير فياض الحسن چوهاڻ، پنجاب جي چيف سيڪريٽري ۽ سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. تعليم واري صو??ائ?? وزير مراد راس اجلاس کي پنجاب صوبي جي تعليمي نظام ۾ سڌارن ۽ نئين منصوبن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. وزيراعظم ڳالهائيندي چيو ته تعليم ج?? ذريعيئي ترقي ممڪن آهي. وزيراعظم پنجابصوبي پاران استادن جي ٽرينگ، هڪ جه??ي تعليمي نظام جي لاءِ قدمن ۽ لاڳاپيل قانوني سڌارن کي ساراهيو. وزيراعظم اسڪولن ۾ سهولتون ڏيڻ جي خاص تاڪيد ڪئي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته هڪ جه??ي تعليمي نظام سان ئي معاشري ۾ امتيازي سلوڪ کي ختم ڪري سگهجي ٿو.