اسلام آباد – 06 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير سيد علي زيدي ۽ حبيب بئنڪ جي چي??رم??ن سلطان علي ا??انا ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب حبيب بئنڪ جي چي??رم??ن سلطان علي ا??انا وزيراعظم کي ڪورونا وائرس جي صورتحال جي ڏس ۾ عوام کي رليف ڏيڻ جي لاءِ موجوده حڪومت پاران ملڪي تا??يخ جو سڀ کان وڏو معاشي پئڪيج ڏيڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. سلطان علي ا??انا احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام انتهائي شفافيت ۽ ميرٽ جي بنياد تي هلائڻ تي وزيراعظم کي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام کي مستحقين تا??ين پهچائڻ ۾ حبيب بئنڪ جي خدمتن ۽ معاونت کي ساراهيو. سامونڊي معاملن واري وزير وزارت جي معاملن خاص طور تي ڪورونا وائرس جي صورتحال ۽ ان دوران بندرگاهن ۽ ٻين لاڳاپيل معاملن جي حوالي سان مختلف قد??ن تي وزيراعظم کي بريفنگ ڏني.