اسلام آباد – 30 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان بابا گرو نانڪ جي 551 هين جنم ڏهاڙي ??ي سک برادري کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ سک برادري سميت سڀني ??قليتن جي مذهبي عبادتگاهن ۽ جاين جو مڪمل تحفظ ڪيو ويندو ۽ ياترين لاءِ مڪمل سهولتون فراهم ڪيون وينديون. هڪ وڊيو پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته سک برادري جي ٻن مقدس جاين ننڪانه صاحب ۽ ڪرتاپور پاڪستان ۾ موجود آهن، جهڙي ??رح مسلمانن لاءِ مڪي ۽ مديني ??ي اهميت آهي اهڙي ??رح سکن جي لاءِ اهي ٻه مذهبي جايون تمام گهڻي اهميت رکن ٿيون.