اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان صدارت ۾ راوي اربن ڊولپمينٽ منصوبي، سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ منصوبي، والٽن ايئرپورٽ جي منتقلي ۽ پنجاب جي ننڍن شهرن جي ڀرپاسي ۾ وزيراعظم عمران ??ان جي ويزن تحت عوام کي سستي رهائش جي فراهمي جي منصوبي جي حوالي سان اڳڀرائي جو جائزي اجلاس منعقد ٿيو. وزيراع??م آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب اجلاس ۾ خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، نئين پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر ۽ سينئر آفيسر شريڪ هئا. پنجاب جو ناڻي وارو وزير مخدوم هاشم جوان بخت، پنجاب جي وڏي وزير جو صلاحڪار ڊاڪٽر سلمان شاهه، پنجاب جي وڏي وزير جي خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ?? راوي اربن ڊولپمينٽ اٿارٽي جو چيئرمين راشد عزيز ۽ سينئر آفيسرن اجلاس ۾ وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي.