اسلام آباد – 09 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??يو آهي ته پي ڊي ايم نالي سازش?? جٿو بدعنوان دوست نظام جي حمايت ذريعي ووٽ جي خريد ۽ وڪري، ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ جي ڪمائي بچائڻ چاهي ٿو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ گذريل سينيٽ چونڊن ۾ ووٽ جي خريد ۽ وڪ??ي جي وڊيو تي پنهنجي بيان ۾ هن ??يو ته وڊيوز ۾ نمايان اُهو شرمناڪ طريقو جنهن کي سياستدان سينيٽ ۾ ووٽن جي خريد ۽ وڪ??ي جي لاءِ استعمال ڪن ٿا، هڪ ٻئي پٺيان مڙهيل حڪمران اشرافيه جنهن قوم کي قرض ۾ ٻوڙيو، جي هٿان قومي اخلاقيات جي مڪمل تباهي جي عڪاسي آهي. ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ جو اه?? دور اسان جي سياسي اشرافيه جو هڪ ڪڌو داستان آهي. وزيراعظم ??يو ته هي اقتدار ۾ اچڻ جي لاءِ پئسو استعمال ڪن ٿا ۽ پوءِ پنهنجي اقتدار جي استحڪام لاءِ سرڪاري آفيسرن ۽ ميڊيا سميت ٻين فيصلاسازن جي خريدا??ي جي ڏس ۾ مال ٺاهڻ ۽ قوم کي ڦري پرڏيهي کاتا ڀرڻ/ اثاثا ٺاهڻ ۽ ٻاهرئين ملڪ ملڪيتن جي خريدا??ي جي لاءِ مني لانڊرنگ جي لاءِ پنهنجي سياسي قوت استعمال ڪن ٿا. هن ??يو ته پي ڊي ايم نالي سازش?? جٿو هاڻي بدعنوان دوست نظام جي حمايت ذريعي اه?? ئي سڀ ڪجهه ته بچائڻ چاهي ٿو. عمران خان ??يو ته اسان قوم جي ڪمزوري بڻجندڙ بدعنواني ۽ مني لانڊرنگ جي ان سلسلي جي خاتمي لاءِ پوري طرح پرعزم آهيون.