اسلام آباد – 05 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پارا?? مديني جي رياست جي ويزن تحت سادگي ۽ ڪفايت شعاري جي قدمن جي ذريعي وزيراعظم آفيس جي خرچن ۾ گه??تائي آڻڻ جي واعدي موجب مالي سال 2020ع ۾ وزيراعظم آفيس جي روز مره (آپريٽنگ) خرچن جي مد ۾ نمايان گه??تائي آندي وئي آهي. وزيراعظم عمران خان اقتدار ۾ اچڻ کان پهرين ۽ وزارت عظميٰ جو منصب سنڀالڻ وقت وزيراعظم هائوس ۽ وزيراعظم آفيس جي خرچن ۾ ڪفايت شعاري جي ڏس ۾ مثال قائم ڪرڻ جو واعدو ڪي?? هو. وزيراعظم عمران خان عوام کان ٽيڪس جي صورت ۾ حا??ل ڪي?? قومي ناڻي جي تحفظ لاءِ نه رڳو وزيراعظم هائوس ۽ وزيراعظم آفيس جي خرچن ۾ نمايان گه??تائي آڻڻ جو واعدو پورو ڪري ڇڏيو پر عوام جي پئسن جي ممڪن تحفظ لاءِ ٻين حڪومتي عهديدارن جي لاءِ به هڪ مثال قائم ڪي?? جنهن جي تصديق مالي سال 20 -2019ع جي بجيٽ ۽ ناڻي واري وزارت جي دستياويزن مان به ٿي رهي آهي، بجيٽ ۽ سرڪاري دستاويزن موجب وزيراعظم آفيس جي لاءِ آپريٽنگ خرچن جي مد ۾ مالي سال 2020ع ۾ 218 ملين روپيا مختص ڪيا ويا هئا، تنهن هوندي به ڪفايت شعاري جي اصولن تي ڪاربند رهندي ڪل خرچن جو ڪاٿو 46 ملين روپيا رڪ??رڊ ڪي?? ويو آهي جيڪو مختص ڪي?? بجيٽ کان گهڻو گه?? آهي. عوام جي ٽيڪسن مان حا??ل ٿيل پئسن جو موثر ۽ بامقصد استعمال جي ذريعي سفر ۽ ٽرانسپورٽ خرچن جي مد ۾ هڪ ڪروڙ روپين جي بچت ڪئي وئي آهي.