اسلام آباد – 30 اپريل (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجر??ڻي چيو آهي ته قومي ترقي جي عظيم جدوجهد ۾ اسان جي جوان پورهيتن جو ڪردار بنيادي اهميت ??کندڙ آهي، پاڪس??ان انهن سمورن سنهري اص??لن تي عمل پيرا آهي جنهن ۾ مزدورن جي حقن جي فراهمي ۽ تحفظ رياست جو آئين فراهم ڪري ٿو. مزدورن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪس??ان سميت ??ڄي دنيا ۾ پهرين مئي پورهيتن جي حقن جي تحفظ جي علامت طور ملهايو ويندو آهي، ان ڏينهن اهو وچن ورجايو ويندو آهي ته پورهيت قومي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ پنهنجي ذميداري پوري نيڪ نيتي ۽ ايمانداري سان ادا ڪندو. محمد صادق سنجر??ڻي چيو ته رياست ۾ هر سطح تي پورهيت ??ي حقن جي ادائيگي يقيني بڻائي ويندي، پاڪس??ان ۾ جلد مزدور ڪلاس جو معيار بهتر ٿي ويندو ان لاءِ هڪ مستقبل لائحه عمل اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، سينيٽ چيئرمين چيو ته هنرمند ۽ غير هنرمند مزدورن جي گهٽ کان گهٽ معاوضي ۾ اضافو ڪري پورهيتن جي معيار کي بهتر ڪري سگهجي ٿو.