اسلام آب??د ?? 21 جون (??ي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪشمير جي تڪرار جي ڪري ڏکڻ ايشيا هڪ ا??ب 40 ڪروڙ عوام يرغمال بڻيل آهي، آمريڪا جيڪڏهن عزم ۽ ارادو ڪري وٺي ته اهو مسئلو حل ٿي سگهي ٿو، اولهه ڀارتي فوج جي هٿان هزارين ڪشميرين جي شهادت جي باوجود والاريل ڪشمير ۾ ظلمن کي نظرانداز ڪري رهيو آهي، 8 لک ڀارتي فوج والاريل ڪشمير کي 90 لک ڪشميري عو??م جي لاءِ جيل بڻائي ريو آهي، اسلامو فوبيا جو وڏو سبب اسلامي دنيا ۽ اولهه معاشرن جي وچ ۾ رابطن جي کوٽ آهي، پاڪستان ۾ ڪورونا جي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سمارٽ لاڪ ڊائون بهترين فيصلو هو. هن اهڙن خيالن جو اظهار هن آمريڪي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ايزي اوس آن ايڇ بي او کي هڪ انٽرويو ۾ ڪيو.