پشاور – 06 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پشاور ۾ شوڪت خانم م??مو??يل ڪينسر اسپتال جو دورو ڪيو ۽ نئين تعمير ٿيندڙ آپريشن روم ۽ انتهائي نگهداشت جي يونٽ جو افتتاح ڪيو. هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته پشاور ۾ شوڪت خانم م??مو??يل ڪينسر اسپتال جو دورو ڪري کيس خوشي ٿي آهي، ان جديد سهولتن جي افتتاح سان پشاور ۾ شوڪت خانم م??مو??يل ڪينسر اسپتال جي مڪمل ٿيڻ جو حتمي مرحلو مڪمل ٿيو آهي. پشاور ۾ شوڪت خانم م??مو??يل ڪينسر اسپتال 2015ع ۾ کولي وئي هئي، وزيراعظم چيو ته پشاور ۾ شوڪت خانم م??مو??يل ڪينسر اسپتال ۽ ريسرچ سينٽر جي قيام سان خيبرپختونخوا، اسلام آباد ۽ اترين علائقن جي عوام کي هڪ ڇت هيٺ ڪينسر جي سڃاڻپ ۽ علاج جون سموريون سهولتون ميسر اينديون. هن چيو ته لاهور ۾ شوڪت خانم م??مو??يل ڪينسر اسپتال 1994ع ۾ قائم ڪئي وئي هئي، ان وقت جي سمورن مريضن جي تعداد ۾ 30 سيڪڙو کان وڌيڪ خيبرپختونخوا ۽ افغانستان مان علاج لاءِ ل??هور ويندا هئا، جنهن جي ڪري اسان پشاور ۾ شوڪت خانم م??مو??يل ڪينسر اسپتال قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، وزيراعظم سرندي وارن ماڻهن کي اپيل ڪئي ته هو فراخدلي سان عطيا ڏيندا رهن ته جيئن ڪينسر جي مريضن جي علاج لاءِ اهي ٻئي اسپتال مريضن جي تعداد ۾ اضافي جي باوجود انهن جو مفت علاج جاري رکي سگهن ۽ منصوبي موجب ڊسم??ر 2023ع ۾ ڪينسر جي مريضن جي علاج لاءِ ڪراچي ۾ به نئ??ن اسپتال ڪم شروع ڪندي.