اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪس??ان عراق سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، ٻئي ملڪ گڏيل مذهب، ثقافت ۽ گڏيل امنگون رکندڙ آهن، پاڪس??ان ۽ عراق کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ جي لاءِ واپار ۽ ثقافت جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي ض??ور?? آهي. هن اها ڳالهه پاڪس??ان جي دوري تي آيل عراق جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر فواد حسين سان ڳالهائيندي چئي جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته پاڪس??ان عراق جي خو??مختياري، سياسي اتحاد ۽ علائقائي سلامتي جي ڀرپور حمايت ڪئي آهي. هن ٻڌايو ته پاڪس??ان عراق جي نئين سر تعمير ۾ هنرمند ۽ تربيت يافته ورڪ فورس سان گڏوگڏ ڊاڪٽرن ۽ انجنيئرن جي فراهمي ۾ پڻ مدد ڪري سگهي ٿو. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پاڪس??ان ۽ عراق جي وچ ۾ دفاع جي شعبي ۾ تعاون کي گڏيل فائدي جي لاءِ وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ض??ور?? آهي. هن عراقي پرڏيهي وزير کي چيو ته هو پاڪستاني زائرين کي ويزا ڏيڻ ۽ عراق ۾ مقدس جاين جي دوري دوران سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪ??دا?? ادا ڪري. صدر عراقي پرڏيهي وزير کي اهو به ٻڌايو ته ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي مسلمانن کي ڀارت پاران بدترين ڏاڍ ۽ دهشتگردي جو نشانو بڻايو پيو وڃي. هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها ڀارت تي دٻاءُ وجهي ته اها ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين کي روڪي ۽ ڪشميرين کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرا??دا??ن موجب خو??مختياري جو حق ڏياري. ان موقعي تي عراقي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر فواد حسين چيو ته عراق پاڪس??ان کي هڪ اهم ملڪ سمجهي ٿو ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن خاص طور تي واپار، ثقافت ۽ دفاع ۾ پاڪس??ان سان تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ چاهي ٿو. هن صدر کي آگاهه ڪيو ته هن اسلام آباد ۾ عراقي سفارتخاني کي هدايت ڪئي آهي ته هو زائرين کي ويزا ۽ سفر ۾ سهولت فراهم ڪري. هن عراقي سفارتڪارن کي تربيت ڏيڻ تي پاڪس??ان حڪومت جا ٿورا پڻ مڃيا ۽ عراقي قيادت پاران پاڪس??ان جي عوام ۽ قيادت جي لاءِ نيڪ خو??هشن جو اظهار ڪيو.