لاهور – 25 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان شيخوپوره ۾ پاڪستان جي سڀ کان وڏي رک جهوڪ سمارٽ ٻيلي جو افتتاح ڪري ڇڏيو، 24 هزار ڪينال تي ٻڌل اهو سمارٽ ٻيلو راوي ر??ور اربن ڊيولپمينٽ اٿارتي جو اهم منصوبو آهي. وزيراعظم عمران خان ٻيلي ۾ وڻ پوکي پراجيڪٽ جو باضابطا افتتاح ڪيو. ان موقعي تي پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار، وزيراعظم جو خاص معاون شهباز گل ۽ راوي ر??ور اربن اٿارٽي جو سي اي او عمران امين به موجود هو. راوي اربن اٿارٽي پاران وزيراعظم کي سمارٽ ٻيلي بابت بريفنگ ڏني وئي، وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته سمارٽ ٻيلي ۾ هر وڻ جي نگراني لاءِ سين??رز لڳايا ويندا ۽ اهو ٽيڪنيڪل ڪم چيني ڪمپني هواوي ڪندي جنهن جي لاءِ هواوي ۽ راوي اربن اٿارٽي جي وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون پڻ ڪيون ويون، راوي اربن منصوبي تحت ميون جي وڻن سان گڏوگڏ تفريحي ماڳ پڻ ٺاهيا ويندا ۽ ان منصوبي کي سياحت لاءِ پرڪشش بڻايو ويندو. ان موقعي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته پنجاب جي وڏي وزير جي ??يم ۽ خاص طور تي راوي اربن پراجيڪٽ جي سي اي او عمران امين کي ان اهم منصوبي تي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، هن چيو ته هي منصوبو پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڏو منصوبو آهي، اسان اهو ڪم ڪرڻ وڃي ر??يا آهيون جنهن سان ملڪ ۾ واضح تبديلي نظر ايندي. هن چيو ته اسان ايندڙ نسلن لاءِ بهتر پاڪستان ڇڏي وينداسين، سياستدان ڏسندا ته اسان هڪ نئون شهر به ٺاهي سگهون ٿا، اسان کي اهو وچن ڪرڻو پوندو ته ملڪ کي سرسبز ڪرڻ لاءِ اسان پنهنجو ڪردار ادا ڪنداسين، الله تعاليٰ پاڪستان کي سڀني نعمتن سان نوازيو آهي، اسان کي انهن نعمتن تي ٿورا ادا ڪرڻ گهرجن. وزيراعظم ماضي ۾ ماحوليات تي ڪم نه ٿيڻ بابت ٻڌايو ته هن ماضي ۾ پنهنجي اکين آڏو ٻيلن کي تباهه ٿيندي ڏٺو آهي، هتي هر قسم جا جانور هوندا هئا، ٻيلن سان گڏوگڏ جانور به گهٽ ٿيا، لاهور ۾ ماحُليات جي تباهي به ڏٺي، مٺو پاڻي سڀئي شهري پيئندا هئا، جنهن کانپوءِ آهستي آهستي اسان ان نعمت کان محروم ٿي وياسين، آلودگي جي شرح ايتري وڌيڪ آهي جو ٻار ۽ بزرگ ٻئي متاثر ٿي ر??يا آهن، لاهور ۾ پاڻي جي سطح هيٺ وڃي ر??ي آهي، راوي درياءُ ۾ سڄي شهر جو سيوريج جو پاڻي ڇوڙ ڪيو پيو وڃي، جڏهن راوي سنڌ ۾ داخل ٿيندو آهي ته اهو سيوريج جو پاڻي اتي به هلي ويندو جنهن سان ماحولياتي آلودگي جا مسئلا سامهون اچي ر??يا آهن، وزيراعظم چيو ته راوي ر??ور پراجيڪٽ لاهور کانسواءِ پاڪستان لاءِ به تمام اهم آهي، اهو منصوبو مشڪل به آهي جيڪڏهن مشڪل نه هجي ها ته اهو پرويز مشرف جي دور ۾ ٺهي وڃي ها، (ن) ليگ جي دور ۾ شهباز شريف اسپيڊ به ان کي نه ٺاهي سگهيو. هن چيو ته وڏا پروجيڪٽ تڏهن ڪامياب ٿيندا آهن جڏهن انسان ان جو ارادو ڪندا آهن، هن چيو ته هڪ سال ۾ وڏا چئلينج آيا ماڻهن منع ناما وٺي ڇڏيا جنهن سان منصوبا دير جو به شڪار ٿيا، پر هاڻي اهي سڀئي رڪاوٽون ختم ڪيون ويون آهن، هن چيو ته منصوب?? شروع ڪرڻ ئي مشڪل ڪم هوندو آهي، جڏهن اه?? شروع ٿيندو آهي ته پوءِ ان کي ڪير نٿو روڪي سگهي، وزيراعظم سمارٽ لاڪ ڊائون جو مثال ڏيندي چيو ته ڪورونا وائرس جي وبا دوران جڏهن اسان سمارٽ لاڪ ڊائون لڳايو ته ان سان خاطر خواهه فائدا ٿيا ۽ اسان جي ان سمارٽ لاڪ ڊائون جي پاليسي کي سڄي دنيا ساراهيو ۽ سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو مثال ڏنو ويندو هو، اهڙي طرح هاڻي هي سمارٽ ٻيلو ٺهي ر??يو آهي جنهن ۾ هواوي ڪمپني سان گڏجي جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو ويندو. هر وڻ جي واڌويجهه جو حساب لڳايو ويندو، جديد ٽيڪنالاجي سان هر وڻ کي مانيٽر ڪيو ويندو. وڻ وڍڻ جي صورت ۾ سين??رز ذريعي معلوم ٿي ويندو ته ڪهڙي هنڌ تي وڻ وڍيو پيو وڃي، هن چيو ته 2013ع تائين پاڪستان جي تاريخ ۾ صرف 64 ڪروڙ وڻ هنيا ويا جڏهن اسان پنجن سالن ۾ خيبرپختونخوا ۾ هڪ ارب وڻ هنيا ۽ اسان جو ٽارگيٽ آهي ته اسان سڄي ملڪ ۾ 10 ارب وڻ هڻنداسين جنهن سان پاڪستان بدلجي ويندو، موسم ۾ واضح تبديلي نظر ايندي، هن چيو ته اسان جا ٽي وڏا مسئلا آهن پيئڻ جي صاف پاڻي جو مسئلو اچڻ وارو آهي، سيوريج جو پاڻي دريائن ۾ وڌو پيو وڃي، ماحوليات جا مسئلا وڌي ر??يا آهن، وزيراعظم عمران خان چيو ته راوي ر??ور پروجيڪٽ جي ذريعي انهن سمورن مسئلن تي ضابطو آندو ويندو، ان منصوبي ۾ پاڻي کي ر??ڪڻ لاءِ ٽي بيراج ٺاهيا ويندا، صاف پاڻي لاءِ واٽر ٽريٽمينٽ پلانٽس لڳايا ويندا، پهريون ڀيرو جامع پلان ٺاهي ر??يا آهيون ان منصوبي سان ڪنسٽرڪشن انڊسٽري پروان چڙهندي، 10 لک ماڻهن کي ر??زگار ملندو، 40 ارب ڊالر ملڪي معيشت ۾ ايندا جنهن تحت اهو منصوبو پاڪستان لاءِ وڌيڪ سالياني بجيٽ پيدا ڪندو، هن پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار کي مخاطب ٿيندي چيو ته ان منصوبي سان کيس مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو جنهن لاءِ کيس پنهنجي ??يم کي تيار ڪرڻ گهرجي ۽ اسان پرعزم آهيون ته ڪا به رڪاوٽ ان پراجيڪٽ کي نٿي ر??ڪي سگهي.