اسلام آباد – 25 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير چوڌري فواد حسين راولپنڊي اسلام آباد يونين آف جرنلسٽس (آر آئي ??و جي) جي نئين چونڊيل صدر شڪيل احمد، جنرل سيڪريٽري صديق انظر ۽ ٻين عهديدارن کي مبارڪباد پيش ڪندي چيو آهي ته نون چونڊيل عهديدارن جي چونڊ انهن جي قائداڻي صلاحيتن ??ي صحافي برادري جي اعتماد جو ثبوت آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته حڪومت اظهار راءِ جي آزادي جي بينادي ۽ جمهوري حق تي ڪامل يقين رکي ٿي، آزاد، فعال ۽ متحرڪ ميڊيا جمهوريت جي مضبوطي ۽ جمهوري قدرن ج?? فروغ لاءِ اڻٽر آهي، وف??قي وزير اميد ظاهر ڪئي ته آر آئي ??و جي جا نوان چونڊيل عهديدار صحافي برادري جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندا.